راڳ نامون

راڳ نامون

راڳ نامون

راڳ نامون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، مشهور صوفي ۽ عوامي شاعر محمد صديق ’صادق‘ سومري جو تيار ڪيل آهي. ڪتاب ’راڳ نامو‘ صوفي صادق فقير جي شروع ڪرايل راڳ جو يادگار دستاويز آهي. هي ڪلام جو ذخيرو بنيادي اساسي شاعريءَ جو آهي، جنهن کي صدائن، واين ۽ بيتن جي سٽاءَ سان، مختلف سرن ۾ ورڇي، ’راڳ نامي‘ طور مرتب ڪيو ويو آهي. ان لحاظ کان هي راڳ نامو، سنڌي راڳ جي تاريخ ۾ هڪ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. ان کان سواءِ شاعريءَ جو هيءُ ذخيرو سنڌي اساسي شاعريءَ جو هڪ انتخاب پڻ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪي روشن ضمير شاعرن، خالق ۽ مخلوق جي رشتن، حق ۽ حقيقت جي نُڪتن، انساني اخلاق جي اعليٰ قدرن ۽ خاص طرح عشق ۽ محبت جي نازڪ ناتن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ دل پذير نموني بيان ڪيو ويو آهي. هن راڳنامي جو نسخو، نواب محمد علي خان لغاريءَ، تاجپور واري وٽ موجود هو، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سومر خان لغاريءَ نالي هڪ ڪاتب کان نقل ڪرايو. هي نسخو، اصل ۾ تيرهين صدي هجريءَ ۾ لکجي پورو ٿيو هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڄاڻايو آهي ته، ’هي راڳ نامو توڙي ان ۾ شامل سمورو ڪلام، شاهه جي رسالي کي پنهـنجـي نـوع نمـوني جـي لـحـاظ کان وڌيڪ ويجھو آهي، بلڪ شـاهه جي راڳ ۽ رسالي جو آئينو آهي. هن راڳنامي ۾ سـر ڏهـر، سـر وهـاڳـڙو، سـر راڻـو، سر سامونڊي، سر کنـڀـات، سر لـيـليٰ چـنيـسر، سر رپ، سر آسا، سر ڪـاپائتـي، سر مارئي، سر ڪـليـاڻ، سر سهڻي، سر گھاتو، سر ڌناسري، سر موکي، سر سسئي، سر سارنگ، سر سورٺ، سر ڪيڏارو، سر سوزڙو، سـر شـيـنهن ڪـيڏارو، سـر کاهـوڙي، سـر بلاول، سر پـورب، سـر ڪـاموڏ، سر ڪارايل ۽ سر بروو شامل آهن.
هن راڳنامي ۾ شاهه لطيف سان گڏ ٻين ارڙهن شاعرن جو ڪلام شامل آهي.
ڊيمي سائيز جي، 254 صفحن تي مشتمل، هي راڳ نامو، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ڀٽ شاهه پاران 1981ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو